اوجها سينيٽوريم

اوجها سينيٽوريم

اوجها سينيٽوريم

اوجها سينيٽوريم: سلھه (ٽي. بي) جي مريضن لاءِ ڪراچي ۾ قائم ٿيندڙ پھريون سلھه گهر (سينيٽوريم)، جيڪو طبي ماهر مھاراج سکرامداس پنھنجي وڏي ڀاءُ ڏيپچند ٽي اوجها جي ياد ۾ سندس نالي پٺيان 1938ع ۾ قائم ڪيو. ابتدا ۾ هن سينيٽوريم جو نالو ’دي آير ويدڪ ٽيوبر ڪلوسز ائسوسيئيشن‘ رکيو ويو. هن تنظيم پاران هڪ مئنيجنگ ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي، جنھن جو صدر ڪراچي ميونسپالٽي جي ميئر جمشيد مھتا کي مقرر ڪيو ويو. ڪاميٽي ۾ مھاراج سکرامداس اوجها، غلام علي چاڳلا، منو ڀائي ڊونگر سي (سيڪريٽري)، چندرسين ڄيٺلي ۽ ٽيوجي ويلجي ڪوٺاري عھديدار هئا. اڳتي هلي ڊاڪٽر فريموٽ مولر جي سلھه گهر (سينيٽوريم) قائم ڪرڻ جي تجويز ۽ مھاراج سکرامداس جي ڪوششن سان انگريز سرڪار ديھه صفوران ۾ 127 ايڪڙن جي زمين عطيو ڪئي. اهڙي ريت 16 جون 1939ع تي تڏهوڪي صوبائي وزير نھلچنداس وزيراڻي ’مھاراج ڏيپچند ٽي اوجها سينيٽوريم‘ جو بنياد رکيو. هن سلھه گهر جي تعمير ۾ ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي سرندي وارن نه صرف مالي سھائتا ڪئي بلڪه پنھنجن پيارن جي ياد ۾ سلھه گهر جي تعمير ۾ حصو پڻ ورتو، جھڙوڪ: 20 ڪمرن جو هڪ شفا خانو، ٽن ڪمرن جو انتظامي بلاڪ، ٻه گهر (هڪ ڊاڪٽر لاءِ ۽ هڪ ويد/ طبيب لاءِ)، طبي عملي لاءِ چار ڪوارٽر، نوڪرن لاءِ 30 ڪمرن جو بلاڪ مطلب ته ٽي بي جي مريضن لاءِ 80، 80 فوٽ جي فاصلي تي 64 ننڍن گهرن (ڪاٽيجز) جي عمارت ڊاڪٽر ڪيخوشرو اسپينسر جي خاندان طرفان عطيو ڪئي وئي. هر يونٽ ۾ هڪ ڪمرو، هڪ رڌڻو، ليٽرين ۽ هڪ ورانڊو هوندو هو. اهڙي ريت سڀ ننڍا ننڍا گهر عطيي ذريعي تعمير ڪيا ويا، جن مان هر هڪ جي قيمت 1400 روپيا هئي. عطيو ڏيندڙ هر ورانڊي ۾ تختيون لڳائيندا هئا، مثال طور: ’دادا ڀائي منصف جي ياد ۾، سندس زال گلبانو ڊي منصف پاران عطيو ڪيو ويو‘. ’بچو ڀائي نادر شاهه ايڊلجي ڊنشا جي پياري يادگيري ۾‘- سندس ڀائرن پاران ٺھرايو ويو‘، ۽ ’سيٺ جيونجي ڪريمجي مرسيوالا پنھنجي زال بائي امتولبائي جي ياد ۾ ٺھرايو.‘ سيٺ ڊونگرسي جوشي تفريحي هال جو عطيو ڏنو. سر ڊيوڊ ساسون پوني مان جنريٽر گهرايو ۽ بجلي گهر تعمير ڪرايو. سکرامداس ذاتي خرچ تي پنھنجي رهائش لاءِ بنگلو ٺھرايو. هو وقت به وقت سينيٽوريم ۾ رهي اعزازي مئنيجر جي حيثيت سان ڪم ڪندو هو. بعد ۾ هن سلھه گهر جي عمارت ۾ مسافر خاني جو اضافو پڻ ڪيو.
08 جنوري 1942ع تي هندستان جي وائسراءِ ۽ گورنر جنرل لارڊ لنلٿگؤ هن سينيٽوريم جو باضابطه افتتاح ڪيو. ٻي عالمي جنگ دوران هن اداري جي عمارت کي آمريڪي آرمي بيس، جنگي قيدين ۽ پولينڊ جي پناهگيرن جي رهائش طور استعمال ڪيو ويو. 1946ع ۾ ’ڏيپچند ٽي. اوجها ٽي. بي سينيٽوريم‘ ٻيھر بحال ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ اداري جا صرف ٽي ٽرسٽيز: جمشيد نسروانجي مھتا، سردار گبول ۽ مسز شاهاڻي سنڌ ۾ رهيا ۽ ٻيا لڏپلاڻ ڪري هندستان هليا ويا، تنھنڪري ڪجهه وقت لاءِ ادارو پاڪستاني حڪومت جي حوالي رهيو. 1949ع ۾ جمشيد مھتا جي ذاتي ڪوششن سان ادارو بحال ٿيو، مگر ان کي جناح سينٽرل اسپتال جو شعبو/ حصو قرار ڏنو ويو، جنھن بعد ڊاڪٽر اي. ڪي شريف، پروفيسر ايم. اي. ايڇ صديقي، ڊاڪٽر ايس. اي حسين ۽ ڊاڪٽر محمد اقبال ياد جي سربراهي ۾ هي شعبو ڪم ڪندو رهيو. ڊسمبر 1957ع ۾ هن اداري کي ٻيھر خودمختيار حيثيت ۾ بحال ڪيو ويو ۽ ڊاڪٽر اي. ڪي شريف ان اداري جو پھريون ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. 1961ع ۾ هن ٽي. بي سينيٽوريم کي وڌيڪ بھتر ۽ جديد بنائڻ خاطر سنڌ حڪومت طرفان 47 لک روپين جو فنڊ ڏنو ويو. 1967ع ۾ هن سينيٽوريم جي عمارت کي وڌائي پنج بلاڪ قائم ڪيا ويا. 1973ع ۾ هن سينيٽوريم کي ’اوجها انسٽيٽيوٽ آف چيسٽ ڊزيزز‘ طور اپگريڊ ڪيو ويو. ان عرصي دوران ڊاڪٽر محمد اقبال ياد پنھنجي وفات (10 جولاءِ 1978ع) تائين ’اوجها سينيٽوريم‘ جو ڊائريڪٽر رهيو. چيسٽ ڪلينڪ، جتي هاڻوڪو سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (SIUT) واقع آهي، اوجها انسٽيٽيوٽ آف چيسٽ ڊزيز جو حصو هئي، جنھن جي سربراهه ڊاڪٽر غزاله انصاري هئي. 1994ع ۾ هن انسٽيٽيوٽ کي ايف سي پي ايس پاران تسليم ڪيو ويو. 2003ع کان هي انسٽيٽيوٽ ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ڪراچي جي هڪ آئيني اداري طور ٽي. بي جي چڪاس، جديد علاج، ضابطي ۽ تحقيق لاءِ مشھور آهي. هتي روزاني سوين مريضن کي مفت طبي سھولتون مھيا ڪيون وڃن ٿيون. ان کانسواءِ ٽي. بي جي مريضن لاءِ ويجهڙائيءَ ۾ انتھائي نگھداشت وارو يونٽ پڻ قائم ڪيو ويو آهي. هتي علاج سان گڏوگڏ پوسٽ گريجوئيٽ شاگردن/ شاگردياڻين کي ايف سي. پي ايس (پلمونولوجي/ ڦڦڙن جي بيمارين)، ڊپلوما ان ٽيوبر ڪلوسز اينڊ چيسٽ ڊزيزز جا پروگرام پڻ ڪرايا وڃن ٿا. هن وقت هن اداري ۾ هڪ مکيه اسپتال جو بلاڪ، سرجيڪل ٿيٽر، مرڪزي رڌڻو، ننڍڙو بجلي گهر، آٽوميٽڪ لانڊري ائنڊ اسٽرلائيزيشن (طبي اوزارن جي جراثيم مار صفائي) جو يونٽ، نرسن لاءِ هاسٽل ۽ ٻئي طبي عملي لاءِ ڪوارٽر، هڪ عدد ليبارٽري، ريڊيالاجي شعبو، ڊسپينسري وغيره موجود آهن. هن وقت اوجها انسٽيٽيوٽ آف چيسٽ ڊزيزز (OICD) جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر افتخار احمد ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نديم احمد آهي.


لفظ اوجها سينيٽوريمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو